سنڌ

دعا زهره کي 30 مئي تي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهره کي 30 مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سمورن صوبن جي پوليس کي ڇوڪري کي بازياب ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. آ جي سنڌ ڪامران افضل، ايس ايس پي ايسٽ، دعا زهره جا والدين ۽ ٻيا پيش ٿيا، عدالت دعا زهره جي بازيابي ۽ پسند جي شادي جي معاملي تي ڪيس جي شنوائي دوران عدالت گهرو سيڪريٽري کي سمورن صوبن جي پوليس کي هدايتون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سمورا امڪاني قدم کڻن. آ جي سنڌ عدالت کي چيو ته دعا زهره جي بازيابي بابت عدالت کي آگاهه ڪنداسين، اسان پنجاب پوليس سان رابطو ڪيو آهي، خبر پئي ته ٻارڙي کي ڪي پي ڪي منتقل ڪيو ويو آهي. ڊي آ جي سي آئي اي ٻڌايو ته ماڊل ڪورٽ لاهور ڇوڪري جو 164 جو بيان رڪارڊ ڪيو هو، اسان ٻارڙي جي عمر جي تعين جي درخواست ڏني هئي، جيڪا رد ٿي وئي، جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته معاملو هتان جو آهي، ڪيس هتي ختم ٿيندو، حتمي فيصلو به هتي ٿيندو، سنڌ ۾ميرج ريسٽرينڊ ايڪٽ آهي ڪنهن ٻئي هنڌ شايد نه آهي، ٻارڙي کي هتي آڻڻو پوندو، هتي ڪيس جو فيصلو ٿيندو. پوليس ٻڌايو ته مظفرآباد جي لوڪيشن ٽريس ٿي پر ڪالهه سمورا نمبر بند ٿي ويا، سگنل بالا ڪوٽ ۾ لوڪيٽ ٿيا، اتي ڇوڪري ۽ ڇوڪرو والده سان گڏ هئا. عدالت چيو ته اسان قانون جا پابند آهيون، جيڪو ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ان جي خلاف ڪارروائي ڪريو، والدين کي ڏسو پريشان آهن، هڪ دفعو ته ڇوڪري کي پيش ڪرڻو پوندو ته جيئن بيان رڪارڊ ٿي سگهي، اڃا تائين سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ناهن ٿيا، نه ڪا ٻي ڪارروائي ڪئي وئي، جسٽس اقبال ڪلهڙو پڇاڻو ڪيو ته جڏهن لاهور عدالت ۾بيان ٿيو ته ڇا سنڌ پوليس موجود هئي، پوليس چيو ته اسان موجود هئاسين پر عدالت اسان کي ڪسٽڊي نه ڏني. عدالت چيو ته ڪسٽڊي وٺڻ جو وقت هو، اوهان مس ڪري ڇڏيو، اوهان موبائيل جي پٺيا ڀڄي رهيا آهيو. پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته هڪ هفتي جو وقت ڏيو، ڪوشش ڪري رهيا آهيون. جسٽس آغا فيصل چيو ته ايترو وقت نه آهي، اوهان والدين جي حالت ڏسي وڃو، ٻارڙي کي ڳولي اچو. سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته پي جي صاحب اوهان ڄاڻو ٿا نه اسان آفيسرن کي هٽائڻ جو به حڪم ڏئي سگهون ٿا، جيڪو آفيسر ناڪام ٿيندو، ان جي خلاف آرڊر پاس ڪنداسين. ڊي آ جي سي آئي اي چيو ته اسان آئي بي جي ذريعي به ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڇوڪري بازياب ٿي وڃي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ شنوائي 30 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button