پاڪستانسنڌ

سنڌ م پاڻي کوٽ خلاف عوامي تحريڪ جي حيدرآباد ۾ بک هڙتال

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد پاران سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي. ان موقعي تي اڳواڻن نور احمد ڪاتيار، سڀاني ڏاهري، صدر عاطف ملاح، عمراهه سمون ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته 1945ع واري سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه تي عمل ڪري سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙا بند ڪري نون ڊيمن جا بيان جاري ڪندڙ آبي وسيلن جي وفاقي وزير خوشيد شاهه کي فوري طور تي هٽايو وڃي. هنن چيو ته سنڌ جي عوام جو گڏيل موقف آهي ته پنجاب جو حڪمران طبقو سنڌ جو پاڻي زبردستي کڻندو رهيو آهي، ان ڪري سنڌو درياهه تي سنڌ جي عوام کي ڪوبه ڪٽ، ڪينال ۽ ڊيم قبول نه آهي.

پيپلزپارٽي جي وفاقي وزير جو اهڙو بيان سنڌ جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي ويئي آهي. ماڻهن وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي نه آهي، ڊيلٽا ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب لکين ايڪڙ زمين سمنڊ پائي ويو آهي. سنڌ سان وفاق جو رويو ماٽيليءَ ماءُ وارو آهي، اڳواڻن چيو ته پنجاب جي ڌاڙيل واهن ۽ ڪينالن کي بند ڪرڻ سان ئي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ٿيندي. پنجاب مختلف ڌاڙيل واهن، ڪينالن ۽ ڊيمن ذريعي سنڌ جو سمورو پاڻي کڻي رهيو آهي. تونسا پنجند ۽ چشما جهلم ٻئي غيرقانوني ۽ ڏاڍ مڙسي ذريعي ٺاهيل ڪينال آهن، سي به فقط ٻوڏن جي صورت ۾ کولڻ جي شرط سان ٺاهيا ويا هئا پر پنجاب جا جاگيردار پيپلز پارٽي سرڪار جي ساٿ سان انهن کي ٻارنهن ئي مهينا وهائي سنڌ کي پيئڻ جي پاڻي کان به محروم ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button