سنڌ

نواب شاهه ڀرسان جهيڙي جو زخمي نينگر فوت،لاش رکي ڌرڻو

نوابشاهه نواب شاهه ڀرسان کڏھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميان شورا ۾ گھٽي جي مسئلي تان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل ڇھين ڪلاس جو شاگرد 16 سالن جو تنوير حسين پٽ ساجن مغيري نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال جي آئي سي يو وارڊ ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، مقتول نوجوان جي پي ساجن مغيري ۽ ٻين امداد مغيري، سائينداد مغيري، شبير احمد مغيري ۽ ٻين نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران لاش رکي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي هنن چيو ته 4 ڏينهن اڳ گھٽي جي مسئلي تان بااثر امير گوپانگ، سجاد گوپانگ، غلام علي گوپانگ ۽ ٻين اسان جي 4 ماڻھن کي زخمي ڪيو. اسان جو نوجوان تنوير حسين مغيري دماغي ڌڪ لڳڻ سبب ۽ گھڻو رت وھي وڃڻ ڪري اسان جو معصوم ۽ بيگناهه نوجوان تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button