سائنس ۽ ٽيڪنالاجيغير درجه بندي

فزڪس جو نوبل انعام جاپان، اٽلي ۽ جرمن سائنسدانن جي نالي ٿي ويو

اسٽاڪ هوم: نيا جو سڀ کان وڏو انعام ڏيندڙ سويڊن جي سويڊش اڪيڊمي آف نوبل پرائز سال 2021ع جو (فزڪس) طبيعات جو نوبل انعام جرمني، جاپان ۽ اٽلي جي سائنسدانن کي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪمپني گذريل سال به فزڪس جو انعام عورت سميت ٽن سائنسدانن کي ڏنو هو جڏهن ته هن سال به نوبل انعام جو هڪ حصو ٻن جڏهن ته ٻيون حصو هڪ سائنسدان کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. نوبل ڪميٽي جي ويب سائيٽ موجب هن سال جي طبيعات جي نوبل انعام جو حصو جاپان جي سائنسدان ڊاڪٽر سيوڪورو منابي ۽ جرمني جي ڊاڪٽر ڪلاس هسلمين جڏهن ته ٻيو حصو اٽلي جي سائنسدان ڊاڪٽر جارجيو پريسي کي ڏنو ويندو. ڪميٽي ٽنهي ماهرن جي خدمتن جو اعتراف ڪندي لکيو ته هنن جي ڪوششن سبب ماحولياتي گدلاڻ ۽ ان جي انساني جسم ۽ زندگي تي اثرن جا معاملا حل ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button