آزاد ڄمون ۽ ڪشميرپاڪستان

اسان آمرن جو مقابلو ڪيو، هي ڪٺپتلي ڪهڙي شي آهي: بلاول ڀٽو

ڪوٽلي: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آمرن جو مقابلو ڪيو، هي هٿ ٺوڪيو عمران خان ڪهڙي شئي آهي. ايل اي ڪوٽلي 05 جي ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام ڌانڌلي جو مقابلو ڪيو آهي، پ پ جا جيالا آخري جنگ لاءِ تيار آهن، اسان عمران خان جي هٿ ٺوڪي حڪومت جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، اسان ته آمرن ۽ ظالمن جو مقابلو ڪيو هي ڪٺپتلي ڪهڙي شي آهي.جيڪڏهن شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ته پ پ جي حڪومت اچي ويندي ۽ ايندڙ وزيراعظم جيالو هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button