سنڌ

ڏهرڪي ڀرسان ريڻي ڪئنال ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ خلاف مظاهرو

ڏهرڪي ويجهو سوين آبادگارن ريڻي ڪينال ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ خلاف کينجھو ھيڊ ريگيوليٽر تي چڙهي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي آبادگارن نبي بخش لنڊ، رسول بخش مھر، امتياز لنڊ ۽ ٻين چيو ته اسان ڏهرڪي تعلقي جي کينجهو واري وارياسي علائقي جا رهواسي آهيون، ورياسي علائقن جي ماڻهن جو جياپو ريڻي ڪينال ۾ پاڻي ڇوڙ جو واحد ذريعو آهي پر آبپاشي عملدارن ريڻي ڪينال ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ سبب هر ڀيري جيان هن ڀيري به کينجھو واسين کي پاڻي جي سھولت کان محروم رکيو پيو وڃي. ھنن چيو ته اسان ٿر واسين کي ٻي ته ڪا سھولت ناھي ڏني وئي پر جيڪو جياپي جو آخري سھارو آھي پاڻي اھو به کسيو ويو آھي، جنهن ڪري اسان جون زمينون بنجر ٿي چڪيون آھن ۽ جانور اڃ مرڻ لڳا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته ريڻي ڪينال ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري اسان کي پاڻي فراھم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button