سنڌ

کهڙا ڀرسان مبينا قتل ٿيل پيرسن جي وارثن جو مظاهرو

کھڙا ڀرسان 2 مھينا اڳ ڪچي جي ٿاڻي گلو سيال جي حد ۾ مبينا قتل ٿيل پيرسن 70 سالن جي فوجي غلام سرور شيخ جي وارثن ايس ايڇ او ۽ بااثر ماڻهن خلاف پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي پٽن زاھد حسين شيخ، ياسر علي شيخ، زال حاڪم زادِي، ڌي عابدہ ۽ ٻارن ڪئي. ان موقعي تي هنن دانهيو ته صدام حسين جنجھڻ اسان جي پيءُ کي دعوت ڏئي ڳوٺ گھرايو، اتي سندس موبائيل فون بند ٿي ويو. اسان کي اطلاع مليو ته بھارو کرل آباد لنڪ روڊ تي فوجي غلام سرور شيخ جو لاش پيل آھي. ايس ايڇ او نثار احمد کوکر بااثر جوابدارن کان رشوت وٺي اسان جي پيءُ جو ڪيس حادثي جو رنگ ڏئي لئه مٽي ڪرڻ چاهي ٿو. ڪيس داخل نٿو ڪيو وڃي. ھنن گھر ڪئي ته اسان جي پيءُ فوجي غلام سرور شيخ جي قتل جو ڪيس داخل ڪري صدام جنجھڻ ۽ قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button