سنڌ

پير جو ڳوٺ ڀرسان 8 ڄڻا گرفتار،عورتن ۽ ٻارن تي تشدد

پير جو ڳوٺ لڳ ڳوٺ باگو ڦلپوٽو ۾ پوليس ڳوٺاڻي غلام نبي ڦلپوٽو جي گهر تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن تي مبينا تشدد ڪري 8 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا، جنهن کانپو متاثر ڳوٺاڻن عورتن فرزانه ڦلپوٽو، عائشه، ثريا، فوزيا ڦلپوٽو ۽ ٻين سان گڏجي سخت احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته پير جو ڳوٺ پوليس رات دير سان گهر تي ڌاڙيلن جيان چڙهائي ڪري ننڊ ستل عورتن ۽ ٻارن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ۽ گهر مان 5 لک روپيا روڪ ۽ 20 تولا سون ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ اسان جا 8 ڄڻا غلام نبي ڦلپوٽو، سلطان، سڪندر، عمران، رشيد ڦلپوٽو سميت 8 ڄڻا کنڀي گم ڪري ڇڏيا آهن. هنن چيو ته پوليس تشدد ۾ پيرسن عورت ممتاز خاتون ۽ نينگر ياسر ڦلپوٽو زخمي ٿي پيا آهن. هنن چيو ته پوليس اسان سان بااثر ماڻهن جي چوڻ تي وڏو ظلم ۽ ناحق ڪيو آهي. .

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button