سنڌ

پير وسڻ ڀرسان عورت سان اجتماعي زيادتي،وڊيو رڪارڊ

پير وسڻ ڀرسان ڳوٺ پير ڳاڙھو ۾ شادي شدہ عورت سان ٻن جوابدارن مبينا اجتماعي زيادتي ڪري ويڊيو رڪارڊ ڪئي. دانهن تي ڳوٺاڻا پهچڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويا، جنهن کانپو متاثر عورت کي ٿاڻي تي نيو ويو، جتان ميڊيڪل ليٽر وٺي تعلقي اسپتال ٺري ميرواهه منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته عورت جي فرياد تي 2 جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي. متاثر عورت پنھنجي مڙس سان گڏ انصاف لا پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانھيو ته شام جو گھر ڀرسان زمين تي گاهه ڪرڻ ويس ته ٻن بااثر جوابدارن پسٽل جي زور تي مونسان جنسي زيادتي ڪري ويڊيو رڪارڊ ڪئي. دانھن تي منھنجو مڙس ۽ ڳوٺ وارا پھچي ويا، جنهن کانپو جوابدار فرار ٿي ويا ۽ مان پنھنجي مڙس سميت پريس ڪلب تي انصاف لا پُھتي آھيان، جيڪڏهن انصاف نه مليو ته پاڻ کي ايس ايس پي آفيس آڏو باهه ڏينديس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button