سنڌ

سکر ۾ بدفعلي بعد قتل ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

سکر ۾ ڪجهه عرصو اڳ نوڪري بهاني گهرائي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد مبينا قتل ڪيل لاڙڪاڻي واسي نوجوان فهيم عباسي واري واقعي ۽ سکر پوليس خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي غلام مرتضيٰ عباسي، نديم سرور، اسلم عباسي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل 18 آگسٽ تي نوجوان فهيم عباسي کي نوڪري بهاني گهرائي سکر جي هڪ هوٽل تي ترسائي جوابدار ڪامران مهر، مزمل ڪمانگر، محبوب ملڪ، ذيشان ملڪ ۽ هڪ اڻڃاتل سميت 5 جوابدارن کيس نشو ڏئي بدفعلي جو نشانو بڻائي زهر ڏئي ماري ڇڏيو. اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري، پوليس ڪيس جون ڪيتريون ئي شاهديون لڪائي ڇڏيون آهن ۽ جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button