سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ استادن جو پ ٽ الف سٽي عهديدارن خلاف احتجاج

پ ٽ الف سٽي ۽ تعلقي غيرآئيني چندو ۽ جنرل باڊي نه ڪرائڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. احتجاج دوران پ ٽ الف ضلعي لاڙڪاڻي جي وفد منظور احمد منگي، ديدار علي کوکر ۽ امرت لال اوڏ پهچي استادن سان ڳالهيون ڪري کين سٽي صدر ارشاد احمد تونيو پاران خاطري ڪرائي ته اسان پنهنجي ڪيل فيصلي تان هٿ کڻون ٿا ۽ استادن جي جنرل باڊي ڪوٺائي استادن جا مجموعي مسئلا حل ڪيا ويندا. ان موقعي تي استاد اڳواڻن افسر علي قريشي، غلام الله سانگي، عبدالخالق چنو، غلام بهلول گوپانگ، محمد خالد جتوئي، عبدالڪريم ميڪڻ، ضمير احمد گاد ۽ ٻين چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته ٻيهر لاڙڪاڻي جا استاد ڀرپور احتجاج جو حق رکون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button