سنڌ

ڊي ايس پي سيوهڻ تي ڪار ڦر جو الزام، دانهن ڏيڻ تي ڊرائيور گرفتار

باقراڻي جي ڳوٺ شير محمد ڀٽو واسي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي سيوهڻ پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل ڪار ڊرائيور شير محمد ڀٽو جي آزاديءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مبينا گرفتار ڊرائيور جي ڀيڻ جنت خاتون پنهنجي ڀاڄائي جانل، ڀائٽن صابر، بابر ڀٽو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته منهنجو ڀاءُ شير محمد ڀٽو لاڙڪاڻي واسي ڪارن جي شورو مالڪ اعجاز شيخ وٽ ڪيترن سالن کان ڊرائيوري ڪري پيٽ گذر ڪندو آهي، جيڪو 9 سيپٽمبر تي ڪراچي مان ڪار ذريعي لاڙڪاڻي اچي رهيو هو ته سيوهڻ جو ڊي ايس پي سادا ڪپڙا پهريل ٽن اهلڪارن سان گڏجي کيس روڪي ڪار ڦري ڀاءُ جا هٿ پير ٻڌي ٽول پلازا ويجهو کڏ ۾ ڦٽو ڪري ويو. ڀاءُ اتان ڇڏائي سيوهڻ ٿاڻي پهچي ڊي ايس پي ۽ سندس ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ چاهيو پر پوليس ڪيس بدران ڀاءُ کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جنهن تي اسان ٿاڻي وياسين پر 13 ڏينهن کان ملاقات جي اجازت نٿي ڏني وڃي. خدشو آهي ته سيوهڻ پوليس ڀاءُ کي فل فراءِ يا فراءِ ڪندي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button