سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ باڊهه پوليس هٿان کنڀيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ باهه پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزاديءَ لاءِ ڊي آءِ جي آفيس اڳيان وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي پورهيت نظير گوپانگ گهرواري سڪينه خاتون، ما بچل خاتون ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته گذريل آچر تي سڪندر ڪانڌڙو جي دڪان ۾ ڌاڙو لڳو، جنهن ۾ هن کوجي ڪتا گهرائي پيرا کنيا، جيڪي اسان جي گهر اڳيان هنيا ويا، جنهن تي اسان سڪندر ڪانڌڙو کي چيو ته ڪتي جو پيرو ڪوڙو آهي، اسان ٽريڪٽر تي مزدوري ڪري گهر جو گذر سفر ڪندا آهيون، جيڪڏهن چوري اسان وٽان نڪتي ته اسان ٻيڻ ڀري ڏينداسين، پر تنهن باوجود سڪندر ڪانڌڙو جي چوڻ تي باڊهه پوليس گهر تي چڙهائي ڪري پورهيت پٽ عبدالحميد گوپانگ کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button