سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ مال جي واپاري جو بااثر ماڻهن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي پراڻي بس اسٽينڊ علائقي جي رهواسي مال جي واپاري نوجوان معصوم پٽ کي ساڻ ڪري بااثرن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. نوجوان علي ڏنو ڀٽو دانهيندي الزام لڳايو ته مدئجي جي رهواسي عزيز شاهه ۽ سندس پٽ وحيد شاهه کان مان ڪجهه وقت اڳ 8 مينهون ورتيون، جنهن جي رقم 14 لک مان 10 لک ادا ڪري چڪو آهيان، رهيل 4 لک هر مهيني قسط جي صورت ۾ ادا ڪرڻ جو طئي ٿيل آهي پر ان باوجود بااثر 4 لک وڌيڪ گهري رهيا آهن ۽ نه ڏيڻ تي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button