سنڌ

ٿرپارڪر پبلڪ هيلٿ جي ايڪسن کي هٽايو ويو،معطلي جي سفارش

مڪاني، ٻهراڙي ترقي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتن جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ٿرپارڪر، مٺي ۾ آر او پلانٽس کي درست انداز ۾ نه هلائڻ وارين خبرن ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيمن ۾ خرابين جي شڪايت تي سخت نوٽيس وٺندي فوري جاچ پڙتال ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جون هدايتون ڪيون آهن. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي هدايتن تي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي سيڪريٽري عوامي شڪايتن جي باري ۾ ڪيل جاچ پڙتال جي روشني ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ٿرپارڪر/ مٺي جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر عدنان جوڻيجو (بي پي ايس-18) کي فوري طور تي هٽائي کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ هدايت ڪئي آهي. جاچ پڙتال ۾ واسطيدار آفيسر جي معطلي جي پڻ سفارش ڪئي وئي آهي ۽ ان جي جڳهه فوري طور تي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي مٺي اسسٽنٽ انجنيئرسب ڊويزن-11 (بي پي ايس 17) اشوڪ ڪمار کي مقرر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button