بلوچستانپاڪستان

بلوچستان ۾ شديد زلزلو، 20 ڄڻا فوت، 300 کان وڌيڪ زخمي

ڪوئيٽا: بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 20 ڄڻا فوت ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. بلوچستان جي مختلف علائقن ڪوئيٽا، سبي، هرنائي، پشين، قلعا سيف الله، چمن، زيارت ۽ زوب سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ رات جو 3 لڳي 2 منٽن تي زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 9 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز هرنائي کان 15 ڪلوميٽر پري رڪارڊ ڪيو ويو هو. پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) بلوچستان جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب گھرن جي ملبي هيٺان دٻجي 20 ڄڻا فوت ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. زلزلي سبب زخمين ٿيل ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته ڏورانهين علائقن ۾ زخمي ٿيلن کي هيليڪاپٽر ذريعي ڪوئيٽا جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button