سنڌ

لاڙڪاڻي مان 8 ورهين جو ٻار گم

لاڙڪاڻي جي وليد ٿاڻي جي حد يار محمد ڪالوني مان 8 ورهين جو نينگر عمران پٽ صفدر عمراڻي گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو. وارثن وليد ٿاڻي پوليس کي گمشدگي جو اطلاع ڏنو، پر پوليس نينگر کي هٿ نه ڪري سگهي. گم ٿيل نينگر جي پيءُ صفدر عمراڻي ٻڌايو ته منهنجو پٽ ڪالهه صبح جو 10 هين وڳي گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو آهي، جنهن جي ڳولا مختلف علائقن ۾ ڪرڻ سان گڏ پوليس کي اطلاع ڏنو، پر هن وقت تائين پٽ جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، جنهن ڪري سخت پريشان آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button