سنڌ

”پٽ جي علاج ۾ مدد ڪريو“ لاڙڪاڻي واسي پورهيت جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي الھ آباد پاڙي گوليمار ڦاٽڪ واري علائقي جي رهواسي پورهيت نوجوان دل ۾ سوراخ جي بيماري ۾ مبتلا معصوم پٽ سان گڏجي سندس علاج ڪرائڻ سميت مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. پورهيت نوجوان پرويز شيخ دانهيندي چيو ته ٽن سالن جو معصوم پٽ غلام شبير ٻن سالن کان دل ۾ سوراخ جي بيماري ۾ مبتلا آهي، علاج لاءِ گهر جو الھ تلھ وڪڻي ڇڏيو آهي. هن وقت مان ڪراچي مان پٽ جو علاج ڪرائيندو آهيان. بيروزگاري سبب پٽ جو وڌيڪ علاج نه ٿو ڪرائي سگهان. جنهن لاءِ مان بلاول ڀٽو ، وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير سميت سرندي وارن کي اپيل آهي ته پٽ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ سان گڏ منهنجي مالي سهائتا ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button