سنڌ

قمبر ۾ عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

قمبر ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر ۽ پارٽي جا جهنڊا کڻي نٽهڻ اس ۾ شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب آڏو سخت احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊيو، محبوب رُڪُ،جمال چانڊيو، ڪامريڊ اياز ٻرڙو، ڪامريڊ شوڪت چانڊيو،سڪندر صنم جهنڊيل ۽ ايس ٽي پي جي الله بخش جاگيراڻي، ذاڪر جاگيراڻي، ابراهيم جاگيراڻي، ارباب جويو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ جي زرخيز زمينن کي بنجر بڻايو پيو وڃي. هن وقت تائين ساريالي فصل جي ٻج جي پوکي نه ٿي سگهي آهي. ھاري آبادگارن جو گذر سفر زراعت تي آهي، سنڌ کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ سان پاڪستان ڪمزور ٿيندو، سنڌ ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري انسان ۽ حيوانن جو جيئڻ مشڪل ٿي پيو آهي، جيڪڏهن پاڻي نه مليو ته سنڌ ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي ويندي. هنن وفاقي توڙي سنڌ حڪومت کان پرزو مطالبو ڪيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button