سنڌ

لاڙڪاڻي جي عوام ھميشه ووٽ ڏئي ڀٽي جو قرض لاٿو:معظم عباسي

لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي پليٽ فارم تان جي يو آءِ اميدوارن چونڊ مهم تيز ڪندي تڪ جا طوفاني دورا ڪيا. مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ايم پي اي معظم علي عباسي، مولانا راشد خالد محمود سومرو، مولانا ناصر خالد محمود سومرو، مولانا طاهر خالد محمود سومرو، مولانا محمود الحسن سومرو، يوسي چيئرمين اميدوار علي حسن ڏاھاڻي، ايڊووڪيٽ منصور علي ڏاھاڻي، غلام علي ڏاهاڻي، سڪندر خان مينگل، پپن سومرو، مولانا حميداللہ سيال ۽ ٻين چيو ته 26 جون تي عوام جي ساٿ سان کٽي ھتان جي عوام جي بنا فرق خدمت ڪنداسين. لاڙڪاڻي جي عوام کي بنيادي سهولتون ناهن مليون، عوام ھميشه ووٽ ڏئي ڀٽي جو قرض لاٿو پر حڪمران ٽولي پاڻي جي کوٽ، تعليم، صحت جي تباھي ۽ رڪارڊ مھانگائي ڪري سنڌ کي ھٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ 70 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آھي ۽ غريب آبادگار خودڪشي تي مجبور آهن، پاڻي کوٽ سبب زراعت تباهه پئي ٿئي، ماڻھو پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان آهن، سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي، ڪرپٽ ٽولي مان عوام جي جند آجي ڪرائي ويندي، عوام موسمي ماڻھن کي چڱيءَ ريت سڃاڻي ٿو، عوام کوکلا واعدا ڪندڙن کان تنگ اچي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button