سنڌ

ڪراچي ۾ سيٺ کي هڪ ڪروڙ رپيا ڀتي جي پرچي

ڪراچي ۾ ڀتي خور ٻيهر ڪر کڻڻ لڳا، شهر ۾ چانهه جي پتي جي ڪمپني جي مالڪ کي هڪ ڪروڙ رپيا ڀتي جي پرچي ڏني وئي، ڀتي جي پرچي ڪوريئر ڪمپني جي لفافي ۾ ڏني وئي. فيروزآباد ٿاڻي ۾ ڀتي جي پرچي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس مدعي ثقلين پاران داخل ڪرايو ويو. مدعي چيو ته ٻن اڻڄاتل ماڻهن پهريدار کي لفافو ڏنو، لفافي ۾ ٻه گوليون ۽ ڌمڪي وارو خط موجود هو، خط ۾ منهنجو ڪراچي ۽ اسلام آباد جو تفصيل موجود هو. عملدارن جو چوڻ آهي ته پوليس پاران جاچ شروع ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button