سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ آبپاشي ملازمن جو انجنيئر خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ آبپاشي کاتي جي ملازمن انجنيئر علي شاهه جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ملازمن عبداللطيف کوسو، شعبان گاڏهي، ممتاز چنا، نادر خشڪ، اعجاز بليدي، محمد جمن ابڙو ۽ ٻين چيو ته انجنيئر علي شاهه بنا ٽينڊر پنهنجي من پسند ٺيڪيدارن جي نالي تي بنا منظوري جي ڪوڙيون ايم بين تي بل ٺاهي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، جنهن سرڪاري رڪارڊ جون ايم بيون، بل، ورڪ آرڊر ۽ ٻيو رڪارڊ من پسند رٽائرڊ سب انجنيئر نور نبي دايو جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن اهڙو رڪارڊ پنهنجي سکر واري گهر ۾ رکي ڇڏيو آهي. هنن الزام لڳايو ته انجنيئر علي شاهه ٻه مهينا اڳ شڪارپور مان بدلي ٿي لاڙڪاڻي آيو جنهن ٿوري عرصي ۾ ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button