اسلام آبادپاڪستان

تلوار جي نشان ۽ پيپلزپارٽي جي نالي لا غنوى ڀٽو طرفان درخواست داخل

پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنوى ڀٽو تلوار جي نشان ۽ پيپلزپارٽي جي نالي لا اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، اليڪشن ڪميشن غنويٰ ڀٽو جي درخواست تي پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽريز کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ تلوار جي چونڊ نشان ۽ پيپلزپارٽي جي نالي لاءِ غنوى ڀٽو جي درخواست تي شنوائي ٿي گذري. غنويٰ ڀٽو جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته اصل پيپلزپارٽي اسان جي آهي، ٻئي ڪنهن کي اهو نالو استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، اليڪشن ڪميشن تلوار جو نشان غيررجسٽرڊ پارٽي کي ڏئي ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن چيو ته رڪارڊ جو جائزو وٺي ايندڙ ٻڌڻي تي ميرٽ تي ڪيس ٻڌنداسين. اليڪشن ڪميشن وڌيڪ ٻڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button