سنڌ

قمبر ۾ پوليس جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

قمبر پوليس جي مبينا زيادتين خلاف مغيري برادري ٻئي ڏينهن ۾ قمبر لاڙڪاڻو روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ڳوٺ ڏيلو خان مغيري جي رهواسين پوليس چڙهائي ۾کنڀي گم ڪيل ٻن عورتن سميت 3 ڄڻن جي بازيابي لاءِ قمبر-لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي همايو خان مغيري، علي بخش مغيري ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته قمبر پوليس بنا جواز ڳوٺ مٿان چڙهائي ڪري بنا ليڊي پوليس جي ٻن عورتون ۽ 3 نوجوانن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته پرامن ڳوٺاڻن مٿان بنا جواز پوليس چڙهائي ڪري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button