سنڌ

هر کاتو رشوت ۽ ڪرپشن جو مرڪز بنيل آهي:زين شاهه

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت جڙڻ وقت تاثر ڏنو ويو ته احتساب ٿيندو ۽ ملڪ ۾ هيٺان کان وٺي مٿين سطح تائين تبديلي ايندي پر افسوس اهو کوکلو نعرو هو. هن اهڙو اظهار سندس مان ۾ حاجي علي اڪبر لاکو پاران ڏنل آجياڻي ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پوليس، تپيدار، آبپاشي سميت هر کاتو رشوت ۽ ڪرپشن جو مرڪز بنيل آهي، چهرن جي مٽجڻ سان نه پر نظام جي مٽڻ سان تبديلي ايندي. سنڌ سرڪار سنڌ کي مال غنيمت سمجهي لٽي ۽ کائي رهي آهي. سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جي زمينن تي ڌارين جي قبضي کي برداشت نه ڪيو ويندو. اسين سنڌ جا وارث آهيون، جنهن جي مالڪي ڪنداسين. سنڌ جي ماڻھن مون سميت سمورن قومپرستن جي آزادي ۽ مٿن ڪوڙن ڪيسن خلاف سگهارو آواز اٿاريو. پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي سڄڻ نٿي ٿي سگهي. آجياڻي کي خير محمد لاکو، قاضي جاويد سنائي، غلام مصطفيٰ ڪيريو، مجيب ماڇي، سرمد سنڌي پڻ خطاب ڪيو. آخر ۾ سيد زين شاهه جي 55هين جنم ڏينهن جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button