اسلام آبادپاڪستان

سول ملٽري لاڳاپن جي حوالي سان ڪوبه مسئلو ناهي: گهرو وزير شيخ رشيد

گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ايف آءِ اي گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي ۽ 5 ڪمپنين جي آڊٽ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، سول ملٽري لاڳاپن جي حوالي سان ڪوبه مسئلو ناهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم جي هدايت هئي ته ڊاڪٽر قدير جي تدفين فيصل مسجد ۾ ڪئي وڃي پر گهر وارن جي مرضي کان پوءِ کيس ايڇ ايٽ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. گهرو وزير چيو ته ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ايف آءِ اي گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي ۽ 5 وڏين ڪمپنين جي آڊٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 88 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 47 ڄڻن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي.


گهرو وزير چيو ته مذهب جي بنياد تي ڪنهن کي به تنگ نه ڪنداسين، پي ڊي ايم جيڪو ڪرڻ وڃي رهي آهي ائين نه ٿئي ته اهو هن کي گلي ۾ پئجي وڃي. سول ملٽري لاڳاپن جي حوالي سان ڪوبه مسئلو ناهي، جڏهن به ٽرانسفر ٿيندي آهي اها معمول موجب هوندي آهي. وزيراعظم جي هدايت تي پي ايم آفيس ۾ افغانستان ڊيسڪ قائم ڪئي ويندي، گهرو وزارت به ان جو حصو هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button