سنڌ

مشڪل گهڙي ۾ افغانستان سان گڏ آهيون:بلاول ڀٽو

چيئرمين پيپلز پارٽي ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي طرفان لاڙڪاڻي واسين کي معياري ۽ سستي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ايئرڪنڊيشن لگزري انٽرا سٽي بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاح بعد بلاول ڀٽو، سهيل انور سيال، ڊي سي طارق منظور چانڊيو، ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، اعجاز جکراڻي سان گڏجي لگزري بس جو سفر ڪيو. جتي ڊپٽي ڪمشنر کيس ايئرڪنڊيشن لگزري بسن جي روٽن بابت آگاهي ڏني، ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ زلزلي دوران جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته افغانستان ۾ زلزلي جي نتيجي سيڪڙو قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي صدمو آهي، پاڪستاني عوام مشڪل وقت ۾ پنهنجي افغان ڀائرن سان گڏ آهي، زلزلي کان متاثر افغان عوام جي انساني بنيادن تي مدد ڪرڻ لاءِ عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جڏهن ته بلاول ڀٽو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهداءِ جمهوريت جي مزار تي پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين جي مزار تي حاضري ڀري فاتح خواني ڪري گل رکيا، بلاول ڀٽو پاران جمهوريت لاءِ پنهنجون زندگيون قربان ڪندڙ شهداءِ جمهوريت کي خراج عقيدت پيش ڪيو، بلاول ڀٽو شهداءِ جمهوريت جي مزار تي ملڪي سلامتي ۽ وطن عزيز ۾ جمهوريت جي بالادستي لاءِ دعا گهري. هوڏانهن بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي ويجهو خيرپور جوسو اسراڻ هائوس پهچي ايم پي اي گهنور خان لغاري سان سندس والد ڊاڪٽر غلام شهيد اسراڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button