سنڌ

چڪ ويجهو زخمي نوجوان ڀاءُ ۽ پيءُ سميت پوليس موبائل مان لاهي گوليون هڻي قتل

چڪ ڀرسان ٻڍو ڳوٺ ۾ شر ۽ بڊاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان هلندڙ خوني تڪرار ۾ ماٺ نه اچي سگهي، اڳواٽ رستي سان لڪي ويٺل شر ڌر جي هٿياربندن رستي سان ويندڙ نوجوان علي حسن بڊاڻي مٿان فائرنگ ڪري زخمي ڪري وڌو، اطلاع بعد پوليس پهچي زخمي نوجوان کي اسپتال کڻائي وڃي رهي هئي ته رستي ۾ 50 کان وڌيڪ هٿياربندن پوليس موبائل کي روڪي زخمي نوجوان علي حسن بڊاڻي، سندس ننڍي ڀاءُ نويد بڊاڻي ۽ پيرسن پيءُ حاجي شهمير بڊاڻي کي پوليس موبائل مان لاهي گوليون هڻي پوليس جي اڳيان ٽنهي ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. جنهن بعد هٿياربند خوشيءَ ۾ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، پوليس خاموش تماشو ڏسندي رهي، پوليس ٽنهي ڄڻن جا لاش کڻائي چڪ ٿاڻي تي آندا، جتان ايمبولينس ذريعي ٽنهي ڄڻن جي لاشن کي لکي غلام شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻنهي ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان 13 سالن کان جهيڙو هلندڙ آهي، جنهن ۾ شر برادريءَ جو هڪ ڄڻو شبير عرف جلال شر ۽ بڊاڻي برادري جا 5 ڄڻا عبدالقادر بڊاڻي، لطيف ڏنو، علي حسن، حاجي شهمير ۽ نويد بڊاڻي قتل ٿي چڪا آهن. ڌرين ۾ هڪ ڀيرو ٺاهه پڻ ٿيو هو، جنهن ۾ شر ڌر مٿان 66 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جيڪو شر ڌر ادا ڪيو، جنهن بعد جلال شر کي سکر ۾ قتل ڪرڻ بعد جهيڙو ٻيهر ڀڙڪي اٿيو آهي. آخري اطلاعن تائين ڌرين ۾ فائرنگ جاري رهي، جڏهن ته واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي چڪ ايس ايڇ او عبدالجبار ابڙو ٻڌايو ته ٿاڻي جي مڪمل نفري ڪورٽ ويل هئي، مون ايس ايس پي کي نفري جي باري ۾ ٻڌايو پر معاملو زخمي جو هو، انڪري ٿوري نفريء سان وڃڻو پيو، جنهن بعد شر ڌر جي 50 کان وڌيڪ هٿياربندن روڪي ٽنهي ڄڻن کي پوليس موبائل مان لاهي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button