اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

سگريٽ جي پئڪيٽ تي اڃا 20 رپيا وڌيڪ ٽيڪس لڳايو:خورشيد شاهه

اسلام آباد :پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان سگريٽ تي ڇو ٽيڪس وڌيڪ نٿا لڳايون. دل جا مرض، جگر جو ڪينسر، ڪينسر جهڙيون بيماريون سگريٽ واپرائڻ سبب ٿيون آهن. گهٽ ۾ گهٽ 20 رپيا هڪ سگريٽ پئڪيٽ تي ٽيڪس وڌائڻ گهرجي. جمعي تي قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته هي بجيٽ زرعي شعبي لاءِ سٺي بجيٽ آهي. هي ئي شعبو ملڪ کي مالي مسئلن مان ڪڍي وٺندو. 10 سالن تائين زرعي شعبي کي اهڙي قسم جو پئڪيج ڏنو وڃي ته پوءِ پاڪستان کي ڪنهن کان قرض وٺڻ لا نه وڃڻو پوندو. هن چيو ته پارليامينٽ جي هڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي، جيڪي ٽيڪس نٿا ڏين يا ڏين ٿا، انهن جو جائزو وٺي. هن چيو ته وزيراعظم شهبازشريف به هن معاملي تي 200 سيڪڙو متفق آهي. هن چيو ته سگريٽ تي ڪيترو ٽيڪس لڳايو ويو، ناڻي واري وزارت کي ان حوالي سان ٻڌائڻ گهرجي. خورشيد شاهه چيو ته اسان جو فرض بڻجي ٿو ته اسان کي هي معاملو اٿارڻ گهرجي. ڇا هي سڀ کان طاقتور مافياز آهن. اڄ وزيراعظم شهبازشريف کي هن ايوان ۾ هئڻ گهرجي ها. راجا پرويز اشرف چيو ته خورشيد شاهه جي ڳالهه کان اتفاق ڪريان ٿو. تماڪ واپرائڻ صحت لاءِ نقصانڪار آهي، ان تي ٽيڪس لڳايو وڃي. سگريٽ تي ٽيڪس لڳايو، قوم خوش ٿيندي. ناڻي واري وزير چيو ته خورشيد شاهه جو ٿورائتو آهيان جنهن هي معاملو اٿاريو. مون کي وزيراعظم چيو ته 70 ارب رپين تائين ٽيڪس سگريٽ تي ورتو وڃي. آئون خورشيد شاهه جي ڳالهه سان اتفاق ڪريان ٿو، 200 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪنداسين. هن چيو ته سگريٽ جي قيمت ڪيتري هجڻ گهرجي، اها ڳالهه مون تي ڇڏي ڏيو. مون انهن کان پئسا وٺي ڏيکارندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button