اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ملڪ کي خساري کان بچائڻ لا سڄي دنيا کان قرض وٺڻو پوندو آهي:مفتاح اسماعيل

اسلام آباد :ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته اسان کي ملڪ کي خساري کان بچائڻ لا سڄي دنيا کان قرض وٺڻو پوندو آهي. ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ لاءِ آئي ايم ايف پروگرام ٻيهر شروع ٿيڻ ضروري هو. عمران خان ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي آڻي بيهاريو هو. ملڪ هاڻي بهتري ڏانهن ويندو. گذريل 10 کان 20 سالن ۾ اهڙي زراعت دوست بجيٽ ناهي آئي. هارين کي پئسا سبسڊي سمجهي نه پر سيڙپڪاري سمجهي ڏني آهي. بجيٽ جي حوالي سان پارليامينٽ ميمبرن بهترين مشورا ڏنا آهن. ميمبرن جي تجويزن کي شامل ڪرڻ سان بجيٽ ۾ ڪجهه تبديليون آيون آهن. پوڻن چئن سالن ۾ 71 سالن جيترو قرض ورتو ويو، تيل اسمن جون قيمتون وڌائي مشڪل فيصلا ڪيا. اسان کاڄرو تيل ۽ ڪڻڪ ۾ پاڻڀرو ٿينداسين. هلندڙ مالي سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 17 ارب ڊالر تائين ٿيندو. ننڍن واپارين کان فڪس ٽيڪس ورتو ويندو. 15 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني واري ڪمپني تي هڪ سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳندو. 20 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي 2 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳندو. شگر، سيمينٽ، ٽيڪسٽائيل سميت 13 شعبن تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳندو. سپر ٽيڪس هڪ ڀيرو وصول ڪيو ويندو. ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ لاءِ ڪا قيمت ته ادا ڪرڻي پوندي. پاڪستان هاڻي ڊيفالٽ طرف نه پر ترقي طرف ويندو. جمعي تي نئين مالي سال 2022-23 جي وفاقي بجيت تي عام بحث سيڙهيندي مفتاح اسماعيل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته انهن جيڪي مشورا ڏنا آهن، انهن مان ڪيترن ئي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض جو به ٿورائتو آهيان جو هن زراعت ۽ نوجوانن لاءِ جيڪي تجويزون ڏنيون آهن، انهن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪپهه ۽ ڪڻڪ سميت زرعي خودڪفالت لاءِ ڪاٽن سيڊ ۽ بنولا تي ٽيڪس هٽايو ويو آهي. هن کان وڌيڪ هاري دوست بجيٽ گذريل 15 کان 20 سالن ۾ ناهي آئي، ان جي نتيجي ۾ زرعي خودڪفالت ۾ به مدد ملندي. اسان کاڄرو تيل ۾ خود ڪفالت لاءِ قدم کڻنداسين. ناڻي واري وزير چيو ته مالي سال 2022 پاڪستان جي تاريخ ۾ معاشي طور تي خراب سال سمجهيو ويندو. ان ۾ سمورن حدفن کي پٺي ڏني وئي. 5310 ارب رپين جو خسارو ٿيو، نئين جي ڊي پي جي حساب سان خساري جي شرح 9 ڏهائي 08 سيڪڙو ۽ پراڻي جي ڊي پي جي تناسب سان 8 ڏهائي 8 سيڪڙو خسارو ٿيو. ان جو مطلب اهو آهي ته اسان جا خرچ وڌيڪ ۽ وسيلا گهٽ هئا. انهي جي پورائي لاءِ اسان کي دنيا کان قرض وٺڻا پون ٿا. هن چيو ته هي ڪهڙي خودمختياري ۽ ڪهڙي آزادي آهي جو هاڻي ملڪ تي 20-20 هزار کرب رپين جو قرض چڙهي ويو هجي. عمران خان ملڪ کي خودمختياري ۽ آزادي طرف نه پر غلامي طرف وٺي وڃي رهيو هو. مان سٺي خبر ڏيڻ چاهيان عو ته انشاءالله 23 ڪروڙ عوام جو ملڪ ڊيفالٽ نه پر ترقي طرف سفر ڪندو. ناڻي واري وزير چيو ته تيل اسمن تي سبسڊي ختم ڪرڻ سولو فيصلو نه هو. مان پارليامينٽ ميمبرن سياسي قيادت ميڊيا ۽ خاص ڪري پاڪستان جي وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن هن معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏنو. 40 ارب رپين ۾ هڪ مهيني تائين وفاقي حڪومت هلي ٿي. جڏهن ته صرف پيٽرول تي سبسڊي جي مد ۾ سبسڊي جو حجم 120 ارب رپيا هو. ان حوالي سان مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جو به ٿورائتو آهيان، انهن پارٽين پنهنجي سياسي ساک جي پرواهه بنا پاڪستان لاءِ سوچيو. هن چيو ته نان ٽيڪس روينيو تي 2000 ارب رپين مان گهٽائي 1935 ارب ڪيو ويو آهي، صوبن کي هاڻي 4373 ارب رپيا ڏينداسين. انهن سمورن خرچن کان پوءِ 4547 ارب رپين جو خسارو ٿيندو. جڏهن ته وفاقي حڪومت جو ڪل خسارو 3797 ارب رپيا ٿيندو. ناڻي واري وزير بجيٽ سيشن دوران پارليامينٽ هائوس ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ ادارن جن ۾ پارليامينٽ جا ملازم اي پي پي، ريڊيو پاڪستان، پاڪستان ٽيليويزن، سي ڊي اي ۽ ٻين ادارن جا ملازم شامل آهن انهن لا ٻن بنيادي پگهارن جي برابر اعزازيي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ان ڏس ۾ ناڻي واري وزارت لاڳاپيل ادارن سان سهڪار ڪندي ۽ انهن لاءِ فنڊ فراهم ٿيندا. ناڻي واري وزير چيو ته اڳوڻي فاٽا ۽ فاٽا ۾ 2023 تائين ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني وئي هئي. انهن علائقن ۾ انڪم ٽيڪس جي ڇوٽ لاءِ هڪ بل هن ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير بجيٽ پيش ڪرڻ ۾ وزيراعظم پارليامينٽ ميمبرن ناڻي واري وزارت جي عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جو ٿورو مڃيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button