سنڌ

مائٽن مڙس کان طلاق نه وٺڻ تي قيد ڪري تشدد ڪيو: قصبو واسڻ

ڪاڇي جي علائقي قصبو واسڻ ناري مسڪان لغاري شاھپورجھانيان جي ڳوٺ گل محمد ڏاھري واسي پنھنجي مڙس شھزادو ملاح سان گڏ صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته چار مھينا اڳ مائٽن پنھنجي مرضيءَ سان منھنجي شادي شھزادو ملاح سان ڪرائي ھئي. جنھن مان ٽن مھينن جو حمل بہ آھي ۽ پنھنجي مڙس سان خوش آھيان. ھن چيو ته ھڪ مھينو اڳ مائٽن مونکي ملڻ بھاني گھرائي اتي زبردستي قيد ڪري ڇڏيو، مائٽن دٻاءَ وڌو ته ٽن مھينن جو حمل ضائع ڪرائي پنھنجي مڙس شھزادو ملاح کان طلاق وٺان، انڪار تي تشدد ڪيو ويندو ھو. ھن چيو ته مان وجھ وٺي مائٽن وٽان واپس پنھنجي مڙس جي گھر پھتي آھيان. ھن چيو ته لالچي مائٽن مان مون ۽ منھنجي مڙس توڙي ساھرن کي جاني ۽ مالي نقصان توڙي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسڻ جو خدشو آهي، انڪري نوٽيس وٺي تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button