سنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو عورت جو گم ٿيل پٽ جي ڳولا ۾ مدد لائي احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ سونو جتوئي جي رهواسي عورت پراسرار نموني گم ٿيل ذهني مريض پٽ جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي نصرت جتوئي دانهيو ته ڏيڍ مهينو اڳ منهنجو پٽ شفقت علي جتوئي گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو، جنهن جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي، جنهن کي باقراڻي ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڳولا ڪرڻ سان گڏ مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪئي پر سندس جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، جنهن ڪري سخت پريشاني ۾ مبتلا آهيون. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button