سنڌ

ڳڙهي حسن ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو مظاهرو

ڳڙهي حسن ڊسٽري، هيئرو شاخ، ڀٽا شاخ، ڪٽا شاخ، مستري مائينر ۽ لنڊي شاخ سميت ٻين شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين منظور احمد سرڪي، مير محمد سرڪي، محمد رحيم ڪنراڻي، محمد عمر ڪنراڻي، غلام قادر کوسو، جواد کوسو، مولا بخش ڌوئو ۽ ٻين آبپاشي انتظاميا کي پاڻي جي هٿرادو کوٽ جو ذميوار قرار ڏيندي سخت احتجاج ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته ڳڙهي حسن ڊسٽري، هيئرو شاخ سميت ٻين شاخن ۽ واهن ۾ آبپاشي عملدارن اي سي ۽ ايس ڊي او پاڻي کوٽ ڪري ناحق ڪيو آهي، پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب سارين جو تيار فصل 70 سيڪڙو ختم ٿي ويو آهي ۽ سائو نسريل ٻوٽو هن وقت سڪي رهيو آهي. سارين جي فصل کي چار کان پنج پاڻي ايندا آهن، موسم جي حساب سان نااهل انتظاميا اسان کي صرف ٻه پاڻي ڏنا آهن، پاڻي کوٽ سبب سوين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي. هنن زراعت کاتي جي عملدارن کان گهر ڪئي ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي فصل جو معائنو ڪري ابپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button