سنڌ

ڏوڪري ويجهو اسڪول جي ڇت مان چاپڙ ڪري پيا

ڏوڪري ويجهو ڳوٺ چنا ماڇي جي پرائمري اسڪول جي عمارت جا چاپڙ ڪري پيا، تازين برساتن ڪري پرائمري اسڪول جي عمارت جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا جنهن دوران شاگرد، شاگردياڻيون ۽ استاد معجزاڻي طور محفوظ رهيا. ان موقعي تي استادن ذوالفقار علي ملاح، خادم حسين ڀٽي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ چنا ماڇي گورنمينٽ پرائمري اسڪول پراڻي دور ۾ ٺهيو هو، ان کان پوءِ تازين برساتن سبب اسڪول زبون حال بڻجي ويو آهي، ڪالهھ صبح جو شاگردن جي پڙهائي هلي رهي هئي ته اوچتو اسڪول جي ڇت جي ڪمرن جا چاپڙ ڪري پيا ۽ ڪمرن ۾ ڏار پئجي ويا آهن. اسڪول ۾ سوين شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button