ڳڙهي خيرو جي ڳوٺ ملگاڻي چانڊيو جي رهواسي رٽائرڊ پرائمري استاد بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي استاد صدا بخش ملگاڻي دانهيندي الزام لڳايو ته سال اڳ بيماري سبب مون 60 سال جي عمر پوري ٿيڻ کان اڳ رٽائرمينٽ وٺي پنهنجي ڳوٺ واسي علي نواز شاهه کي رٽائرمينٽ جي پئسن مان 15 سيڪڙو رقم ڏيڻ عيوض سمورا ڪاغذ ٺاهي لاڳاپيل آفيسن ۾ جمع ڪرائڻ جو معاهدو ڪيو، جنهن بعد رٽائرمينٽ جا 34 لک روپيا جاري ٿيا، جنهن مان ايجنٽ علي نواز شاهه 15 سيڪڙو رقم بدران 21 لک روپيا هڙپ ڪري مون کي صرف 12 لک ڏنا. هن چيو ته بااثر علي نواز شاهه دوداپور پوليس کي منهنجي در تي وٺي آيو، جيڪو مون کان پوليس جي زور تي چيڪ بوڪ، سروس بڪ ۽ 21 لک زوري وٺي ويو، جيڪا وڏي ناانصافي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close