سنڌ

عيد کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اهم ۽ خطرناڪ آهن:منظور وساڻ

پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ چونڊن کان پوءِ عمران خان زال سان ٻاهر نه هليو وڃي، قرباني واري عيد کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اهم ۽ خطرناڪ آهن، اڄ کان عمران خان جي پوزيشن گهٽ ٿيندي ويندي. منظور وساڻ سنڌ هائيڪورٽ ٻاهران سومر واري ڏينهن غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اليڪشن 2023ع ۾ ٿيندي ۽ اهم شخصيتون عمران خان کي ڇڏي ٻين پارٽين ۾ هليون وينديون، ضمني چونڊن ۾ عمران خان هارائي ويندو ۽ ن ليگ اڪثريت سان کٽيندي، عمران خان جا ڪجهه ماڻهو ڪرپشن ڪيسز جي الزام ۾ گرفتار ٿيندا، ڪرپشن جي جن الزمان ۾ ٻين کي ڦاسايو ويندو هو، هاڻ حقيقت سامهون ايندي. هن چيو ته مان هن نيب ترميم جي حمايت نٿو ڪريان ۽ نه ئي منهنجو ڪيس هن ترميم ۾ سان آهي، ٿوري دير کان پوءِ ترميم ٿئي ها، اسان به آمدن کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ جا ڪيس ٺاهيون ها ۽ هي جواب ڏين ها ته خوشي ٿئي ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button