سنڌ

وڏي وزير سان چيني وفد جي ملاقات،سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان چين جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل سي ٽي ڊي مسٽر گائو في (Gao Fei) جي اڳواڻي ۾ 13 رڪني چيني وفد ملاقات ڪئي ۽ سنڌ صوبي ۾ ڪم ڪندڙ چين جي شھرين جي سيڪيورٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگھاتي حملي جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سھيل راجپوت، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، گھرو سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو، ايڊيشنل آءِ جي (سي ٽي ڊي) عمران منھاس ۽ وڏي وزير جي اسپيشل سيڪريٽري رحيم شيخ شرڪت ڪئي. چين جي وفد ۾ ڪراچيءَ ۾ چين جو قونصل جنرل مسٽر لي بيجيان (LiBijian)، چائنا ايمبيسي ۾ پوليس ڪونسلر لي چنگ چُن (Li Qingchun)، ٽيڪنيڪل ماھر مسٽر لي زي گانگ (Li Zhigang)، سي ٽي ڊي جو ايم پي ايس لي زائو گوانگ (Li Xiaoguang)، ڊائريڪٽر، سائبر سڪيورٽي جو ٽيڪنيڪل ماھر ما جنگ چائو (Ma Jingchao)، شنگھائي پوليس اٿارٽي جو پي لي اچي (Pei Lianxi) ۽ ٻيا شامل ھئا. وڏي وزير چيو ته پوليس کاتي پاران گڏ ڪيل ڄاڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ سي پيڪ جي اٺن رٿائن تي 3637 چيني ڪم ڪري رهيا آهن. ھن وڌيڪ چيو تھ 3637 چين جي ماھرن جي حفاظت لاءِ 1500 پوليس اھلڪار، 517 آرمي جا جوان، 173 رينجرز اھلڪار، 28 ايف سي اھلڪار ۽ 1143 خانگي سڪيورٽي گارڊ مقرر آھن. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ سي-پيڪ جي سيڪيورٽي وارو ڪم ايس ايس ڊي جي 441 برگيڊ پاران ڪيو پيو وڃي ۽ ان کي سنڌ پوليس جي اسپيشل يونٽ جي سھڪار حاصل آھي. وڏي وزير مطابق 21 حڪومتي اسپانسرڊ (نان سي-پيڪ) رٿائون آھن، جن ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽي شامل آھن ۽ 194 خانگي اسپانسرڊ (نان سي-پيڪ) رٿائون آھن، جتي 2879 چين جا شھري ڪم ڪري رھيا آھن. وڏي وزير چيو تھ سندس حڪومت سيڪيورٽي پڻ فراھم ڪري رھي آھي. ڪراچي يونيورسٽي آپگھاتي حملي ڪيس ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ بريفنگ ڏيندي چيو تھ ڪيس جي مختلف رخن کان جاچ ۾ ٽيڪنيڪل ۽ زميني حقيقتون استعمال ڪيون ويون آهن. ھن وڌيڪ چيو تھ سي ٽي ڊي جي انٽيليجنس ٽيم جي ڪوششن سان هڪ اهم جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جاچ جا تفصيل چيني اختيارين سان ونڊ ڪيا ويا آهن. چيني وفد سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته هو سي ٽي ڊي ۽ سنڌ پوليس جي اسپيشل برانچ کي ٽيڪنيڪل طور تي مضبوط ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيني اختيارين جي تعاون تي ٿورا مڃيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button