سنڌ

دعا زهرا جي عمر 15 کان 16 سال:عدالت ۾ ميديڪل رپورٽ جمع

ڪراچي جي مقامي عدالت جي حڪم تي ميڊيڪل بورڊ دعا زهرا جي عمر جو پتو لڳائڻ بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي. دعا زهرا جي عمر جي تعين بابت ڪيس تي جڊيشل مجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ شنوائي ٿي. رپورٽ موجب دعا جي عمر جي تعين لاءِ ٻٽيهي، ٻانهن ۽ ٺونٽ جا ايڪسري ڪيا ويا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دعا زهرا جي عمر ڊينٽل ايگزامينيشن موجب 13 کان 15 ورهين جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته ريڊيو لوجيڪل معائني موجب دعا جي عمر 16 کان 17 ورهين جي وچ ۾ آهي. رپورٽ موجب ميڊيڪل بورڊ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته دعا زهرا جي عمر 15 کان 16 سالن جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته عمر پندرنهن ورهين جي وڌيڪ ويجهو آهي. واضح رهي ته ڪراچي جي مقامي عدالت جي حڪم تي سنڌ گهرو کاتي 10 رڪني ميڊيڪل بورڊ جوڙيو هو، ۽ ميڊيڪل لاءِ دعا زهرا کي پوليس جي خاص ٽيم هڪ ڏينهن لاءِ لاهور کان ڪراچي وٺي آئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button