پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ بجلي بند هجڻ خلاف رهواسين جو ڌرڻو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ جي وارڊ نمبر 7 جي ميگھواڙ پاڙي جي بجلي بحال نه ٿيڻ خلاف سياسي سماجي اڳواڻ گوتم بيراڻي جي اڳوڻي ۾ رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ٿر بازار ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب عمرڪوٽ کان مٺي ۽ ڇاڇرو ڏانهن ويندڙ ٽرئفڪ چار ڪلاڪن تائين بيهي رهي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي متاثر رهواسين گوتم بيراڻي، سريش ڪمار، راجيش بيراڻي، راجيش ڪمار ۽ ٻين چيو ته اسان گذريل 20 ڏينھن کان بجلي جي سهولت کان محروم آهيون، ٽرانسفارم خراب هجڻ سبب پاڻي جي لپ لاءِ پريشان آهيون، حيسڪو عملي کي بار بار اطلاع باوجود ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. گوتم بيراڻي چيو ته ٽرانسفارمر نه لڳو ته اسان ووٽرن سميت الله والا چوڪ تي ڌرڻو هڻنداسين، آئون پنهنجي ووٽرن کي اڪيلو نٿو ڇڏي سگهان. 4 ڪلاڪن بعد حيسڪو عملي پهچي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button