سنڌ

اومني گروپ سان آصف زرداري جو ڪوبه تعلق نه آهي:امتياز شيخ

سنڌ جي توانائي واري وزير امتاز احمد شيخ چيو آهي ته اومني گروپ سان آصف علي زرداري جو ڪوبه تعلق نه آهي، پي ٽي آئي اڳواڻ مالم جبه، ڪڻڪ، کنڊ، دوائون، ايل اين جي ۽ بجلي اسڪينڊلز جو جواب ڏين، پي ٽي آئي اڳواڻ فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي امتياز شيخ چيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پي ٽي آئي اڳواڻن جي حواسن تي ڇانيل آهي، آصف علي زرداري سري محل سميت سمورن ننڍن ڪيسن کي 14 سالن تائين منهن ڏنو آهي. هن چيو ته اومني گروپ سان آصف علي زرداري جوڪوبه تعلق نه آهي، فواد چوڌري عمران خان ۽ ان جي گهرڀاتين جي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ ٻين تي الزام مڙهي رهيو آهي. امتيازشيخ چيو ته پي ٽي آئي اڳواڻ ٻين تي الزام لڳائڻ بدران مالم جبه ڪڻڪ کنڊ، دوائون، ايل اين جي ۽ بجلي اسڪينڊل جوجواب ڏين، توشه خانه جي ڪرپشن کي ته پاڻ پي ٽي آئي اڳواڻ تسليم ڪري چڪو آهي، سياست ۾ بد تهذيبي جو ڪلچر عمران خان آندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button