سنڌ

سنڌ اسيمبلي ۾ ابن سينا يوينورسٽي ميرپورخاص بل منظور

ڪراچي ۾ ٿيندڙ بجلي جي بحران تي هاڻي سنڌ اسيمبلي ميمبر به چپ نه رهي سگهيا، امتياز شيخ چيو ته جيستائين اسان اڳوڻي حڪومت جي غلط پاليسين جي اثرن کان ٻاهر نه نڪرنداسين، تيستائين بجلي جو بحران ختم نه ٿي سگهندو. سنڌ اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ لمپي اسڪن بيماري تي ڪنٽرول ٿي چڪو آهي، سومر تي ايوان جي ڪارروائي دوران پي ٽي آئي جي ميمبر اديبه حسن پنهنجي هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪراچي جي عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، ايوان کي ٻڌايو وڃي ته حڪومت پاران ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته عوام کي عذاب مان ڪڍڻ لاءِ ڪوبه ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. صوبائي وزير ڪي اليڪٽرڪ جي ميٽنگ ۾ اچي ويهي رهن ٿا، لوڊشيڊنگ جو ڪو به سبب نٿو ٻڌايو وڃي، اڪثر علائقن ۾ بجلي رڳو 10 ڪلاڪ اچي ٿي، انهن ماڻهن کان پڇو، جن جي گهر بجلي نه آهي، ماڻهو پنهنجو ڪاروبار نٿا ڪري سگهن. ان موقعي تي امتياز شيخ چيو ته پي ٽي آ جي حڪومت ختم ٿئي 3 مهينا ٿي چڪا آهن، کين هاڻ خيال ته آيو ۽ لوڊشيڊنگ تي ڳالهائي رهيا آهن، جڏهن هي حڪومت ۾ هئا ته کين تڪليف جو اندازو نه هو، 10-10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي. هن چيو ته قومي اشو آهي، جيڪو ان جي حڪومت جو پيدا ڪيل آهي. انهن جي نااهلي جي ڪري سڄو نظام ڊانواڊول ٿي ويو، هي ايل اين جي وقت تي نه وٺي سگهيا، فرنس آئل جو نظام پورو نه ڪري سگهيا. امتياز شيخ چيو ته اڳوڻي حڪومت کي اسان جي وڏي وزير ڪيترائي ڀيرا چيو ته اوهان ٿر ڪول طرف اچو، انهن هڪ دفعو به اسان جي ڳالهه نه ٻڌي، هاڻي وفاقي حڪومت ٿرڪول طرف اچي رهي آهي، سندس چوڻ هو ته سورس آف انرجي سنڌ وٽ آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي حڪومت اسان جي پروجيڪٽ کي روڪيو، معاشي صورتحال ان جي ڪري خراب آهي. توانائي واري وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وارن کي اسان گهرايو هو ته انهن چيو ته اسان لوڊشيڊنگ گهٽائينداسين، فرنس آئل مهانگو آهي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جون پنهنجون کوڙ ساريون خاميون آهن. ڪراچي ۾ 600 ميگاواٽ جو شاٽ فال آهي. امتياز شيخ چيو ته بجلي تڏهن ايندي، جڏهن اسان اڳوڻي حڪومت جي غلط پاليسين مان نڪرنداسين. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته پيپلز پارٽي جيترو ڪم ڪيو آهي. ڪنهن ٻئي ناهي ڪيو، تنهنڪري عوام انکي ووٽ ڏي ٿو. مڪيش ڪمار چيو ته 2018 تائين مهانگائي نه هئي، اڄ کين مهانگائي ياد اچي رهي آهي پهريان پنهنجي مرضي سان لوڊشيڊنگ ڪرائيندا هئا. آئي ايم ايف جي پاليسي جي ڪري هي صورتحال پيدا ٿي. خرم شيرزمان پنهنجي هڪ اعتراض واري نقطي تي چيو ته سڄو شهر لوڊشيڊنگ ۾ مبتلا آهي، اسان جي دور ۾ شهر ۾ لوڊشيڊنگ نه ٿيندي هئي. هن چيو ته اسان لوڊشيڊنگ جي ڪري ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري رهيا آهيون. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته جيڪڏهن هنن ۾ ٿورڙو به شرم هجي ها ته پهريان ئي واڪ آئوٽ ڪري وڃن ها. اجلاس ۾ شازيه عمر پاران هڪ التوا واري رٿ پيش ڪئي وئي، جيڪا جانورن ۾ لمپي اسڪن بيماري پکڙجڻ بابت هئي. صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو ته موجوده صورتحال ۾ ان ڏس ۾ اسان هن مسئلي کي حل ڪيو، جيئن ئي پهريون ڪيس طاهر ٿيو. باري پتافي چيو ته اسان ان وقت وفاق کي لکيو هو، جڏهن اسان وٽ 4 هزار ڪيس آيا، اسان جي دٻاءُ کان پوءِ وفاق 3 مارچ تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. هن چيو ته بيماري جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ اسان فوري طور تي ٽاسڪ فورس ٺاهي اسان 40 لک ويڪسين امپورٽ ڪئي، 28 لک جانورن کي ويڪسين لڳرائي چڪا آهيون، اڄ سنڌ ۾ رڳو 3 ڪيس آهن. ايوان جي ڪارروائي دوران سنڌ فزيو ٿراپي ڪائونسل بل 2022 پيش ڪيو ويو، جنهن کي وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل اسٽيڊنگ ڪميٽي کي اماڻيو ويو. ايوان پارٽنرشپ ايڪٽ سنڌ ترميمي بل به اسٽيڊنگ ڪميٽي کي اماڻي ڇڏيو، سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ ابن سينا يونيورسٽي ميرپورخاص بل منظور ڪري ورتو. ايوان ۾ سنڌ سول سرونٽس ترميمي بل پيش به ڪيو ويو، جنهن تحت ٽرانس جينڊر کي نوڪري ڏني ويندي، جنهن کان پوءِ سنڌ اسيمبلي اجلاس اڱاري ڏينهن منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button