پاڪستانسنڌ

ايس يو پي جو بلدياتي چونڊون فوج ۽ عدليا جي نگراني ۾ ڪرائڻ جو مطالبو

حيدرآباد: ايس يو پي پاران سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جو ٻيو مرحلو فوج ۽ عدليا جي نگراني ۾ ڪرائڻ جي گهر، پهرين مرحلي ۾ ٿيل ڌانڌلي ۽ داخل ڪيسن خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس ڄامشورو ۾ سيد جلال محمود شاهه جي صدارت ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جي پهرئين مرحلي ۽ 24 جولائي تي ٿيندڙ ٻئي مرحلي جي چونڊن سميت ملڪي سياسي ۽ معاشي صورت حال تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس بعد سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي حڪمران پارٽي پاران سرڪاري مشينري ۽ ڏاڍ جو سرعام استعمال ڪري چونڊ ضابطن جون ڌڄيون اڏايون ويون، اميدوارن کي اليڪشن تان هٿ کڻائڻ کان وٺي انهن جا چونڊ فارم رد ڪرڻ، ڪوڙا ڪيس داخل ۽ اغوا جي واقعا رڪارڊ ڪيا ويا. ايس يو پي جي ڪارڪنن تي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيا ويا، جيڪو سلسلو اڃان هلندڙ آهي.

سيد زين شاهه چيو ته حڪمران جماعت جي سمورين هٿ ڪنڊن باوجود ايس يو پي سنڌ ۾ 250 کان وڌيڪ سيٽون کٽيون آهن. بلدياتي چونڊن جي ٻي مرحلي ۾ به ايس يو پي مخالفن لاءِ ميدان خالي نه ڇڏيندي ۽ خاص تڪن تي پنهنجا اميدوار بيهاريندي. هن چيو ته اسان کي سال 2015 جي اليڪشن جو تجربو هو، جنهن تحت اسان پهرين ڏينهن کان بلدياتي چونڊون عدليا ۽ فوج جي نگراني ۾ ڪرائڻ جي گهر ڪندا رهيا آهيون پر ان باوجود اليڪشن ڪميشن ان تي ڌيان نه ڏنو. هن چيو ته سنڌ حڪومت هڪ ڪرپٽ ۽ نااهل صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ کي مقرر ڪري من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ سڄي سنڌ ۾ ناتجربيڪار آر او ۽ ڊي آر او مقرر ڪيا آهن، جن خلاف اسان وٽ ثبوت موجود آهن. هن چيف اليڪشن ڪمشنر کان گهر ڪئي ته سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جو ٻيون مرحلو فوج ۽ عدليا جي نگراني ۾ ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ خونريزي جو خطرو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button