پاڪستان

آمريڪا خلاف ڳالهائيندڙ معافي جا پيغام پيو اماڻي: مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان پنهنجي جلسن ۾ آمريڪي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڊونلڊ لو خلاف ڳالهيون ڪندو رهيو، اڄ ان کي معافي جا پيغام موڪلي رهيو آهي. لاهور ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته توهان سڀني کي لنڊن مان ن ليگ قائد نواز شريف طرفان سلام پيش ڪيان ٿي، جنهن محبت سان منهنجي آجيان ڪئي وئي سڀني جي ٿورائتي آهيان. هن چيو ته اسان پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ دل تي پٿر رکي ڪئي، 4 سالن ۾ رڳو اميرن کي نوازيو ويو، ن ليگ جي عوامي حڪومت ايندي ئي شروعات غريب کان ڪئي آهي، پنجاب ۾ 100 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي ڪڏهن بل نه ايندو، چاهيون ٿا ته غريب تي گهٽ بار پئي. هن چيو ته ملڪ جو خزانو بني گالا وارا کائي ويا، فتني خان آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو، ان سبب اگهه وڌائڻا پيا، آءِ ايم ايف سان تيل جا اگهه وڌائڻ جو معاهدو پي ٽي آءِ ڪيو هو، تنهن ڪري اسان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پئجي رهيا آهن نه ته ملڪ جو ڏيوالو ٿي وڃي ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button