پاڪستانسنڌ

ڪڙيوگھنور ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ شهرين جو احتجاجي ڌرڻو

ڪڙيوگھنور: ڪڙيوگھنور ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف جي ڊي اي، ايس ٽي پي، عوامي جھموري پارٽي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ آبادگارن عمر سمون، حسام نظاماڻي، ڪامريڊ رتنو مل ٺاڪر، خالد مجيد مھيري، ڄيٺو مل مھيشوري، غلام رسول گوھر نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد فاضل راھو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جولا جو مهينو ھلي رھيو آھي، ھن مھيني ۾ اسان ساريالي جي فصل جي پوکائي ڪري ٻه کان ٽي ڀاڻ ڏئي ويندا آھيون پر ھن وقت پاڻي جي کوٽ سبب ساريالي جو پوکيل ٻيجارو به سڪي سڙي رھيو آھي، ڪافي آبادگارن ھن وقت تائين ٻيجارو به نه پوکي سگھيا آھن، پاڻي جي کوٽ سبب ساريالي جو پوکيل سوين ايڪڙن تي ڪروڙين روپين جي ماليت جو ٻيجارو سڙي رهيو آھي.

جنهن سان آبادگارن وڏو معاشي نقصان ٿي رھيو آھي، فصل جي پوکائي جي موسم ختم ٿي رھي آھي، ھنن سنڌ حڪومت تي الزام هڻندي چيو ته پاڻي جو وفاقي وزير پ پ پ جو آھي، جنهن سنڌ جو پاڻي وڪڻي پنجاب کي ڏئي ڇڏيو آھي، باقي پاڻي تي حڪومت ڌر جي بااثرن قبضو ڪري غيرقانوني طور بدين، سجاول ۽ ٺٽي ضلعي جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي من پسند واھن ۾ ڇڏيو ويو آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي شديد کوٽ سبب ماڻهو، جانور توڙي پکي اڃ وگھي مرڻ لڳا آھن، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته ڪڙيوگھنور جي واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪري آبادگارن جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button