سنڌ ۾ زراعت کي ھٿي وٺرائڻ لا مختلف فصلن جون نيون جنسون پوکڻ سميت پوکي جي جديد طريقن کي متعارف ڪرائڻ لا مشهور زميندار عاقب جتوئي پاڪستان زراعت تحقيقاتي ڪائونسل برانج ٺٽو جي تعاون سان سونھري فارم ھائوس تي سيمينار ڪوٺايو، جنھن ۾ زرعي ماھر، آبادگار اڳواڻ ۽ ننڍا وڏا آبادگارن، ھاري توڙي زراعت کاتي جا آفيسر شريڪ ٿيا. ان موقعي تي زميندار عاقب خان جتوئي چيو ته اسان جو ملڪ ڪمند جي پوکي ۾ دنيا ۾ پنجين نمبر تي آھي پر بدقسمتي سان اپت ۾ 15 نمبر تي آھي. ھن چيو ته اک وسيلي ڪمند جي پوکي ۾ گھٽ خرچ ۽ گھٽ وقت استعمال ٿئي ٿو، پي اي آر سي جي ڊائريڪٽر جنرل عطا الله خان چيو ته ھن طريقي جي پوکي سان آبادگار جو خرچ تمام گھٽجي ٿو ۽ فصل جي سڙڻ ۽ زيان ٿيڻ جو به انديشو ناھي. ھن چيو ته عام رواجي طريقي سان جتي ھڪ ايڪڙ جي پوکي ۾ 100 مڻ ٻج جو استعمال ٿئي ٿو، جديد طريقي سان فقط 15 مڻ في ايڪڙ تي ٻج جو استعمال ٿيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close