سنڌ

نينگر آديش ڪمار اغوا جو عدالت نوٽيس ورتو،ڊي ايس پي طلب

راڻيپور مان 8 ڏينھن اڳ اغوا ٿيل نينگر آديش ڪمار بازياب نه ٿي سگهيو. نينگر جي اغوا واقعي جو عدالت نوٽيس وٺي ڊي ايس پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. خبر موجب راڻيپور جي رهواسي 8 سالن جي نينگر آديش ڪمار جي اغوا واقعي جو سول جج اينڊ جوڊيشل مئٔجسٽريٽ نظير احمد کوسو راڻيپور جي عدالت پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڊي ايس پي گمبٽ سيد حبدار شاهه کي طلب ڪري اغوا ڪيس ۾ پيش رفت بابت پڇاڻو ڪيو، جنھن تي ھن رپورٽ جمع ڪرائيندي ڄاڻايو آھي ته نينگر جي بازيابيءَ لاءِ ڪوششون جاري آھن. جنهن تي عدالت 7 تاريخ تائين مھلت ڏيندي کيس ٻيھر طلب ڪري ورتو آھي. هوڏانهن نينگر آديش ڪمار جي اغوا خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور جي وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو، جنهن ڪري ڪيس به هلي سگهيا. هڙتال دوران وڪيلن چيو ته معصوم آديش ڪمار جي اغوا واقعي تي تمام گهڻو ڏک ۽ ڳڻتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button