سنڌ

نوشهروفيروز ۾ هڪ لک ڪڻڪ جون ٻوريون گم ڪرڻ خلاف ريلي

نوشهروفيروز آبادگار ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي آبادگارن پڊعيدن روڊ کان ريلي ڪڍي الله واري چوڪ تي مظاهرو ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي ممتاز علي خاصخيلي، گلشير سيال، نويد راڄپر، سليمان سولنگي، ڌڻي بخش مورو، معشوق علي وڳڻ، زاهد مشوري، احسان چانڊيو، محمد موسيٰ اڄڻ، گلفام جهنڊير، معشوق انڙ، حاجي تڳر ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته خوراڪ کاتي نوشهروفيروز جي ڊي ايف سي نذاڪت هيسباڻي، 7 فوڊ گودام ۽ 48 خريداري سينٽرن جي فوڊ انسپيڪٽرن 8 لک 15 هزار خريد ڪيل ٻورين مان هڪ لک ٻوريون ڪراچي جي واپارين کي وڪڻي ڇڏيون آهن. ٻوريون گم هجڻ ۽ 50 ڪروڙ کان مٿي رقم جا واپارين جي نالن سان ايڊوانس بل ٺهرائيندڙ ڊي ايف سي فوڊ نوشهروفيروز نزاڪت هيسباڻي ڳالهه ظاهر ٿيڻ کان پوءِ 15 ڏينهن جي موڪل تي هليو ويو آهي. جنهنڪري خوراڪ کاتو خريداري وارو انگ 13 لک 38 هزار آگسٽ تائين به پورو نه ڪري سگهندو. هنن مطالبو ڪيو ته ڊي ايف سي نزاڪت هيسباڻي ۽ اينٽي ڪرپشن،نيب کي گهربل فوڊ انسپيڪٽر کي گرفتار ڪري ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button