سنڌ

باقراڻي ويجهو گهران ڪاوڙجي نڪتل نوجوان جو پتو نه پيو،وارث پريشان

باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ گنجا تنيو جو رهواسي نوجوان فراز علي ولد مرحوم محمد اسلم ڪاٺيو جيڪو چار ڏينهن اڳ گهران ڪاوڙجي نڪري ويو هو، وارثن پاران ڪافي ڳولا باوجود سندس ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو. هوڏانهن گم ٿيل نوجوان جو ڀاءُ ساجد علي ڪاٺيو ۽ ٻيا وارث پريس ڪلب باقراڻي پهچي صحافين کي نوجوان جي ڳولا لاءِ مدد جي اپيل ڪندي چيو ته نوجوان فراز علي چار ڏينهن اڳ گهران ڪاوڙجي نڪري ويو هو، جيڪو اڃان تائين واپس نه موٽيو آهي سندس ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button