سنڌ

خيرپور ۾ واپاري جي گهر تي حملو،تشدد ۾ 2 ڄڻا زخمي،ٿاڻي آڏو مظاهرو

خيرپور ۾ اي سيڪشن ٿاني جي حد ۾ هٿياربندن واپاري ۽ مکي لعل چند جي ڀائٽي ڪمليش ڪمار جي گهر تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو، سريا ۽ لٺيون لڳڻ ڪري گهر ڌڻي ڪمليش ڪمار ۽ جئه ڪمار زخمي ٿي پيا. واقعي خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو پر دير تائين جوابدار گرفتار نه ٿيا. هوڏانهن واقعي خلاف واپارين گرمک مل ماکيجا، انجمن تاجران حيدري بازار جي مرڪزي اڳواڻ مکي لعل چند، ڪمليش ڪمار، جئه ڪمار، جي يو آءِ خيرپور جي مرڪزي اڳواڻن مولانا زبير ڦلپوٽو، مولانا اويس ڦلپوٽو ۽ ٻين اي سيڪشن ٿاڻي آڏو مظاهرو ڪندي چيو ته بااثر جوابدارن سليمان عباسي، اسد علي، احسان عباسي، نعمت عباسي سميت 15 هٿياربندن مکي لعل چند جي ڀائٽي ڪمليش ڪمار جي گهر تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو، جنهن ۾ سريا ۽ لٺيون لڳڻ سبب گهر ڌڻي ڪمليش ڪمار ۽ جئه ڪمار زخمي ٿي پيا، جنهن جي فرياد اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button