سنڌ

جروار ڀرسان ڪنڊير واهه کي 20 فوٽ گهارو،سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ

جروار ڀرسان ڳوٺ لڌو ملڪ وٽ ڪنڊير واهه کي صبح جو سوير 20 فوٽ گهارو پئجي ويو. جنهن جي بروقت اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهتو، جنهن جي نتيجي ۾ اڌ ڪلاڪ ۾ سوين ايڪڙن تي پوکيل ڦٽي جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. جڏهن ته ڳوٺ لڌو ملڪ ۾ به پاڻي ڪاهي پيو. پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ ڪري ڪيترائي ڪچا گهر ڪرڻ جو خدشو آهي. هوڏانهن ڳوٺاڻن اختر ملڪ، رمضان ملڪ ۽ ٻين دانهيو آهي ته جتان واهه کي گهارو لڳو آھي، اهي ڪپر اڳ ۾ به ڪمزور هئا، ڪيترائي ڀيرا آبپاشي عملدارن کي دانهيو ته ڪپرن کي مضبوط ڪيو پر انهن اسان جي هڪ به نه ٻڌي، جنهنڪري نيٺ اڄ گهارو پئجي ويو. هنن چيو ته گهارو لڳڻ سان آبپاشي عملدارن کي اطلاع ڏنو پر آبپاشي عملو نه پهتو. اسان پنهنجي مدد پاڻ گهارو بند ڪيو آھي. هن وقت سوين ايڪڙن بيٺل وونئڻن ۾ پاڻي بيٺل آھي. اسان جي گهرن به پاڻي بيٺل آھي. جيڪڏھن ٻن ڏينهن ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيو ته ڪچا گهر ڊهي پوندا ۽ ڦٽي جو تيار فصل به سڙي ويندو. هنن ڊي سي گهوٽڪي کي مدد جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button